دارا شاهه جي مزار

دارا شاهه جي مزار: هي اسلامي دور جو ماڳ آهي، جيڪو دارا شاهه جي مزار سيتا وليج، ضلعي دادوءَ جي ڀرسان آهي. مزار جي مٿان ڇاپرو اڏيل آهي. هتي چڱو خاصو قبرستان به موجود آهي. هن قبرستان ۾ وڏا عالم فاضل دفن آهن، جن ۾: آخوند محمد صالح ڀٽي، آخوند عبدالرحمان ڀٽي، آخوند الله بخش ڀٽي، فقير نياز علي چنو، سيد دوست محمد شاهه، مولوي عبدالغفور ميمڻ، سيد محمود شاهه ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. هن قبرستان ۾ هڪ بازيگر جي قبر به آهي، جنهن تي ڪنگيءَ جي مرض ۾ ورتل ٻارن کي اچي وهنجاريندا آهن. هن قبرستان ۾ جاڙا پير نالي هڪ الڳ مزار به موجود آهي.


لفظ دارا شاهه جي مزارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو